ايران ۽ آمريڪا پاران هڪ ٻئي سان ڳالهين لاءِ مشروط رضامندي ظاهر

تهران-23 فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان سفارتي حل اڃان به ميز تي موجود آهي، جيڪڏهن واشنگٽن پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، آمريڪي حملي جي صورت خطي ۾ ان جي مفادن کي نشانو بڻائي جواب ڏينداسين. خميس تي جنيوا ۾ آمريڪي نمائندي اسٽيوٽڪوف سان ملاقات به متوقع آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عباس عراقچي هڪ …

تهران-23 فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان سفارتي حل اڃان به ميز تي موجود آهي، جيڪڏهن واشنگٽن پنهنجا خدشا ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته سفارتڪاري ئي واحد رستو آهي، آمريڪي حملي جي صورت خطي ۾ ان جي مفادن کي نشانو بڻائي جواب ڏينداسين. خميس تي جنيوا ۾ آمريڪي نمائندي اسٽيوٽڪوف سان ملاقات به متوقع آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عباس عراقچي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايران آمريڪي فوجي طاقت کان خوفزده نه ٿيندو. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ان جو ملڪ بار بار پنهنجي ايٽمي پروگرام جي پرامن هجڻ جي تصديق ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ان جو ملڪ يورينيم جي رچاءُ جي پنهنجي حق ۽ اين پي ٽي معاهدي ۾ داخل حقن تي قائم رهندي ايٽمي معاهدي جي هڪ تجويز تي ڪم ڪري رهيو آهي. عباس عراقچي آمريڪي حملي جي صورت ۾ ايران جي پنهنجي دفاع جي حق جو ذڪر ڪندي چيو ته امڪاني آمريڪي حملو جارحاڻي ڪارروائي هوندي، ان جي جواب ۾ اسان جيڪو ڪجهه ڪنداسين اهو پنهنجي دفاع ۾، منصفاڻو ۽ قانوني هوندو، اسان جا ميزائل آمريڪي ڌرتي تائين پهچڻ جي صلاحيت نه ٿا رکن ان ڪري فطري طور تي اسان  کي ڪجهه ٻيو ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف آمريڪي عهديدار چيو ته ايران هڪ تجويز جو مسودو پيش ڪري ٿو ته آمريڪا جنيوا ۾ جمعي تي ملاقات لاءِ تيار آهي ته جئين تفصيلي ڳالهيون  شروع ڪري سگهجن ته ڇا ايٽمي معاهدو شروع ٿي سگهي ٿو يا نه. آمريڪي عهديدار اهو به چيو ته ٽرمپ انتظاميه ۽ ايران مڪمل ايٽمي معاهدي تي اتفاق کان اڳ هڪ عارضي معاهدي جي امڪان تي به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته صدر ٽرمپ جي صلحڪارن اطلاع ڏنو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم جا اڪثر ميمبر هن وقت کيس صبر جو مشورو ڏئي رهيا آهن. انهن جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر لاءِ آمريڪي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف ۽ آمريڪي ٽياڪڙ جيريڊ ڪشنر صدر ٽرمپ کي مشورو ڏنو آهي ته هو تهران خلاف فوجي حملي جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ سفارتڪاري کي هڪ موقعو ڏئي. ايران جي هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ تجويز موڪلڻ جي صورت ۾ ٻئي آمريڪي نمائندا اسٽيوو ٽڪوف ۽ جيريڊ ڪشنر 27 فيبروري تي جنيوا وڃڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن.