ايٽمي دفاع ملڪ لاءِ اولين ترجيح آهي: روس جو صدر

ماسڪو -23 فيبروري (اي پي پي) روس جي صدر ولاد مير پيوٽن چيو آهي، ته ايٽمي دفاع روس لاءِ اولين ترجيح آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن محافظان وطن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ويڊيو خطاب ۾ چيو ته ايٽمي دفاع روس جي سلامتي جي ضمانت آهي ۽ اهو اثرائتو اسٽريٽجڪ ڊيٽرينس ۽ عالمي طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته …

ماسڪو -23 فيبروري (اي پي پي) روس جي صدر ولاد مير پيوٽن چيو آهي، ته ايٽمي دفاع روس لاءِ اولين ترجيح آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن محافظان وطن جي ڏهاڙي جي موقعي تي ويڊيو خطاب ۾ چيو ته ايٽمي دفاع روس جي سلامتي جي ضمانت آهي ۽ اهو اثرائتو اسٽريٽجڪ ڊيٽرينس ۽ عالمي طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته روس پنهنجي هٿياربند فوج جي صلاحيت ۾ اضافو ڪندو ۽ ان جي جنگي تياري، چر پر ۽ پيچيده حالتن ۾ ڪارروائي جي سگهه کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو. روس جي صدر اهو عزم به ظاهر ڪيو ته جديد هٿيارن ۽فوجي سازو سامان جي تحقيق ۽ ترقي جي عمل کي تيز ڪيو ويندو ته جيئن هٿياربند فوج کي جديد ترين وسيلا فراهم ڪري سگهجن ۽ هو محفوظ هٿن ۾ هجن.