واشنگٽن -22 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته آمريڪا گرين لينڊ جي سامونڊي ڪناري ڏانهن هڪ اسپتال سامونڊي جهاز روانو ڪيو آهي، ته جيئن اتي جي سمورن بيمار شهرين کي طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي بيان ۾ چيو ته لوزيانا جي گورنر سان گڏجي اسان هڪ عظيم اسپتال بوٽ گرين لينڊ …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران گرين لينڊ جي سامونڊي تي اسپتال سامونڊي جهاز موڪلڻ جو اعلان
واشنگٽن -22 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي، ته آمريڪا گرين لينڊ جي سامونڊي ڪناري ڏانهن هڪ اسپتال سامونڊي جهاز روانو ڪيو آهي، ته جيئن اتي جي سمورن بيمار شهرين کي طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي بيان ۾ چيو ته لوزيانا جي گورنر سان گڏجي اسان هڪ عظيم اسپتال بوٽ گرين لينڊ موڪلي رهيا آهيون ته جيئن اتي موجود سمورن بيمار ماڻهن جي سار سنڀال لهي سگهجي، جن جي مناسب سار سنڀال ناهي ٿي رهي، جهاز رستي ۾ آهي.












