رياض -22 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جون 19 هزار 101 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 14 هزار 893 پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته 12 کان 18 فيبروري 2026ع دوران مجموعي طور تي 12 هزار 153 ماڻهن کي اقامه قانون، 4 هزار 103 کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ …
سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانونن جون 19 هزار ڀڃڪڙيون رڪارڊ، 14 هزار کان وڌيڪ غيرقانوني پرڏيهي واپس
رياض -22 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانون جون 19 هزار 101 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن جڏهن ته 14 هزار 893 پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا ان حوالي سان ٻڌايو ته 12 کان 18 فيبروري 2026ع دوران مجموعي طور تي 12 هزار 153 ماڻهن کي اقامه قانون، 4 هزار 103 کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 548 کي محنت جي قانوني ڀڃڪڙي تي حراست م ورتو ويو. غيرقانوني طور تي سعودي عرب م داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 663 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ۾ 54 سيڪڙو ايٿوپين، 44 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکند هئا. ان کان علاوه 31 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن م داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 29 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو.












