غزه ۾ امن عمل تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ گروهن کان هوشيار رهڻو پوندو: انڊونيشيا

واشنگٽن -21 فيبروري(اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر پرابو وسو بيانتو غزه ۾ امن عمل کي نقصان پهچائيندڙ ڪوششن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشين صدر اها ڳالهه واشنگٽن ۾ غزه بابت پيس ڪائونسل جي افتتاحي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ هڪ انٽرويو ۾ چئي. انڊونيشيا جي صدر چيو ته يقينن اسان کي انهن گروهن خلاف محتياط رهڻ گهرجي جيڪي جامع حل …

واشنگٽن -21 فيبروري(اي پي پي) انڊونيشيا جي صدر پرابو وسو بيانتو غزه ۾ امن عمل کي نقصان پهچائيندڙ ڪوششن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشين صدر اها ڳالهه واشنگٽن ۾ غزه بابت پيس ڪائونسل جي افتتاحي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ هڪ انٽرويو ۾ چئي. انڊونيشيا جي صدر چيو ته يقينن اسان کي انهن گروهن خلاف محتياط رهڻ گهرجي جيڪي جامع حل تائين پهچڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهڙيون ڪوششون مختلف حلقن پاران ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته انڊونيشيا هڪ يا ٻن مهينن اندر امن برقرار رکندڙ جٿن طور اٽڪل 8000 فوجي غزه موڪليندو. هن چيو ته ان منصوبي تحت غزه ۾ 12 هزار پوليس اهلڪار ۽ 20 هزار فوجي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. انهن شروعاتي قدمن ذريعي اسان سيڪيورٽي ۾ حصو وجهي رهيا آهيون جنهن جي غزه کي خوشحالي ۽ پائيدار امن واري مستقبل لاءِ ضرورت آهي.