نئين دهلي -21 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سائنس تي ٻڌل گورننس ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ ناهي پر هي ان کي وڌيڪ محفوظ، منصفاڻو ۽ وڏي پئماني تي پکڙيل بڻائي سگهي ٿي. هن مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ڊپ ۽ هراس کي گهٽ ڪرڻ تي زور ڀريندي ماهرن جي هڪ نئين عالمي ڪميٽي جوڙڻ جو اشارو ڏنو جيڪا انساني ڪنٽرول کي هڪ فني حقيقت بڻائڻ جي …
سائنس تي ٻڌل گورننس ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه، هي ان کي وڌيڪ محفوظ، منصفاڻو ۽ وسيع بڻائي سگهي ٿي: گڏيل قومون
نئين دهلي -21 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي، ته سائنس تي ٻڌل گورننس ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ ناهي پر هي ان کي وڌيڪ محفوظ، منصفاڻو ۽ وڏي پئماني تي پکڙيل بڻائي سگهي ٿي. هن مصنوعي ذهانت جي حوالي سان ڊپ ۽ هراس کي گهٽ ڪرڻ تي زور ڀريندي ماهرن جي هڪ نئين عالمي ڪميٽي جوڙڻ جو اشارو ڏنو جيڪا انساني ڪنٽرول کي هڪ فني حقيقت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش نئين دهلي ۾ مصنوعي ذهانت بابت سربراهي اجلاس دوران چئي. هن چيو ته پيغام واضح آهي ته خوف ۽ مبالغه آرائي کي گهٽ ڪيون ۽ حقيقتن ۽ شاهدين کي وڌايون. هن جو چوڻ هو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان گروپ ۾ 40 ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کي مصنوعي ذهانت تي آزاد عالمي سائنسي ٽيم جو نالو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جي جدت ايڏي تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهي آهي، جيڪا اسان کي مڪمل طور تي سمجهڻ ۽ سنڀالڻ جي اسان جي اجتماعي صلاحيت کان ٻاهر ٿيندي پئي وڃي. انتونيو گوتريش هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي مصنوعي ذهانت بابت ڪميٽي ۾ شموليت لاءِ تجويز ڪيل ماهرن جي لسٽ پيش ڪئي، ان ۾ فلپائين سان تعلق رکندڙ نوبل انعام يافته صحافي ماريه ريسا ۽ ڪينيڊا جي مصنوعي ذهانت جي علمبردار يوشوا بينجيو شامل آهن.












