گڏيل قومون-21 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ بي گهر فلسطيني خاندانن کي انتهائي رش وارين عارضي پناهگاهن ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ ٻاريل باهه سبب شديد خطرا درپيش آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اداري (او سي ايچ اي) هڪ بيان ۾ چئي. اوچا جو چوڻ آهي ته خاندان ننڍين جاين تي کاڌو پچائيندا، سمهندا ۽ پنهنجو …
غزه جي عارضي پناهگاهن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن سبب بي گهر خاندانن کي سنگين خطرا درپيش آهن: گڏيل قومون
گڏيل قومون-21 فيبروري(اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ بي گهر فلسطيني خاندانن کي انتهائي رش وارين عارضي پناهگاهن ۾ کاڌو پچائڻ لاءِ ٻاريل باهه سبب شديد خطرا درپيش آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت اداري (او سي ايچ اي) هڪ بيان ۾ چئي. اوچا جو چوڻ آهي ته خاندان ننڍين جاين تي کاڌو پچائيندا، سمهندا ۽ پنهنجو سامان رکندا آهن، اهو عمل نه رڳو باهه لڳڻ جي خطرن کي وڌائي ٿو پر رهائشين جي صحت لاءِ به نقصانده آهي. اداري جو چوڻ آهي ته بي گهر خاندانن کي اهڙن مناسب ٺڪاڻن جي ضرورت آهي جيڪي کين موسمي اثرن کان بچائي ۽ وڌيڪ زارداري فراهم ڪري، انساني همدردي جا شراڪتدار هڪ ڀيرو ٻيهر وڌيڪ پائيدار حل جي فوري ضرورت تي زور ڀري رهيا آهن.












