واشنگٽن-21 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورن ملڪن مان امپورٽ ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم ان وقت سامهون آيو جڏهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي سپريم ڪورٽ 6-3 جي تناسب سان فيصلو ڏنو ته بين الاقوامي هنگامي اقتصادي اختيارن جي قانون (آءِ اي اي پي اي) تحت ٽرمپ انتظاميا جي ٽيرف پاليسي غير قانوني …
آمريڪا: صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورن ملڪن مان امپورٽ ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون
واشنگٽن-21 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سمورن ملڪن مان امپورٽ ٿيندڙ شين تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم ان وقت سامهون آيو جڏهن ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي سپريم ڪورٽ 6-3 جي تناسب سان فيصلو ڏنو ته بين الاقوامي هنگامي اقتصادي اختيارن جي قانون (آءِ اي اي پي اي) تحت ٽرمپ انتظاميا جي ٽيرف پاليسي غير قانوني آهي. صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته هن اوول آفيس مان سمورن ملڪن تي عالمي سطح تي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي حڪم نامي تي ضهيحيون ڪيون آهن، جيڪو فوري طور تي لاڳو ٿيندو. ايگزيڪٽو آرڊر تي صحيحيون ڪري ڊونلڊ ٽرمپ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ سندس ٽيرف پاليسي کي چيلنج ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران صدر ٽرمپ اسارو ڏنو هو ته هو پنهنجا ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ متبادل رستن تي به غور ڪري رهيو آهي.












