ماسڪو-21 فيبروري(اي پي پي) روس جي هنگامي حالتن واري وزارت، ملڪ جي علائقي اوبلاست ۾ گم ٿيل هيليڪاپٽر ۾ سوار 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. چيني خابرو اداري، روسي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته هيليڪاپٽر خميس جي شام رومنينسڪي مينونسپل ضلعي ۾ واقعي لڪڙي ڪاٽني جي هڪ هنڌ کان اڏام ڀرڻ کانپوءِ ريڊار تان غائب ٿي ويو هو. روسي تحقيقاتي ڪميٽي مطابق هيليڪاپٽر ۾ هڪ …
روسي اختيارين پاران گم ٿيل هيليڪاپٽر جي 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق
ماسڪو-21 فيبروري(اي پي پي) روس جي هنگامي حالتن واري وزارت، ملڪ جي علائقي اوبلاست ۾ گم ٿيل هيليڪاپٽر ۾ سوار 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. چيني خابرو اداري، روسي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته هيليڪاپٽر خميس جي شام رومنينسڪي مينونسپل ضلعي ۾ واقعي لڪڙي ڪاٽني جي هڪ هنڌ کان اڏام ڀرڻ کانپوءِ ريڊار تان غائب ٿي ويو هو. روسي تحقيقاتي ڪميٽي مطابق هيليڪاپٽر ۾ هڪ پائليٽ، هڪ سرڪاري عملدار ۽ هڪ پوليس آفيسر سوار هئا، ٽئي ڄڻا ان هنڌ کان واپس اچي رهيا هئا جتي هڪ لاگنگ ورڪر جو لاش مليو هو، جيڪو ڪم دوران زخمي ٿي ويو هو. اختيارين مطابق واقعي جي جاچ جاري آهي.












