ٽوڪيو-20 فيبروري (اي پي پي)جاپان جي صوبي فوڪوڪا جي شهر فوڪوڪا سٽي ۾ پبلڪ لائيبريري ۾ هڪ شخص چاقو سان حملو ڪري ٽي ڄڻا زخمي ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ساوارا وارڊ ۾ شهر جي مرڪزي لائبريري ۾ هڪ شخص حملو ڪري 3 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي بعد 61 سالن جي مقامي رهائشي تاتسوئويوشيئي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. …
جاپان ۾ پبلڪ لائيبريري ۾ چاقو سان ڪيل حملي جي نتيجي ۾ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي

مزید خبریں
ٽوڪيو-20 فيبروري (اي پي پي)جاپان جي صوبي فوڪوڪا جي شهر فوڪوڪا سٽي ۾ پبلڪ لائيبريري ۾ هڪ شخص چاقو سان حملو ڪري ٽي ڄڻا زخمي ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ساوارا وارڊ ۾ شهر جي مرڪزي لائبريري ۾ هڪ شخص حملو ڪري 3 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس واقعي بعد 61 سالن جي مقامي رهائشي تاتسوئويوشيئي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي عورت ۽ هڪ مرد لائبريري جا صارفين هئا جڏهن ته ٽيون شخص سيڪيورٽي گارڊ هو.











