سوئيڊن پاران يوڪرين لاءِ 1.4 بلين ڊالرن جي ماليت جي وڏي فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان

اسٽاڪ هوم-20 فيبروري (اي پي پي)سوئيڊن يوڪرين لاءِ اٽڪل 1.4 بلين ڊالرن جي ماليت جي وڏي فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو اڪثر حصو فضائي دفاع، ڊگهي فاصلي جي صلاحيت ۽ گولا بارود تي خرچ ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوئيڊن جي حڪومت چيو آهي ته ان پيڪيج جو وڏو حصو نئين تيار ڪيل گهٽ فاصلي جي فضائي دفاعي نظام جي خريداري آهي جنهن جي ماليت 4.3 …

اسٽاڪ هوم-20 فيبروري (اي پي پي)سوئيڊن يوڪرين لاءِ اٽڪل 1.4 بلين ڊالرن جي ماليت جي وڏي فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو اڪثر حصو فضائي دفاع، ڊگهي فاصلي جي صلاحيت ۽ گولا بارود تي خرچ ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق سوئيڊن جي حڪومت چيو آهي ته ان پيڪيج جو وڏو حصو نئين تيار ڪيل گهٽ فاصلي جي فضائي دفاعي نظام جي خريداري آهي جنهن جي ماليت 4.3 بلين ڪرونز آهي. ان نظام ۾ توپ ۽ ميزائل سسٽمز، انٽر سيپٽرز، سينسرز، اليڪٽرانڪ وار فيئر ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽمز شامل هوندا ته جيئن وڏن علائقن کي فضائي خطرن کان محفوظ بڻائي سگهجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 3 بلين ڪرونز گولا بارود، تربيت ۽ لاڳاپيل سهڪار لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، جن ۾ وڏي مقدار ۾ گوليون ۽ فضائي دفاعي رائونڊز جي خريداري شامل آهي. ان کان علاوه 5.6 بلين ڪرونز جي رقم ڊگهي مفاصلي جي صلاحيت، مختلف قدمن، معاشي سهڪار ۽ شهري دفاع لاءِ مخصوص ڪيا ويندا، ان ۾ يوڪرين سان ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڊرونز جي حوالي سان سهڪار ۾ توسيع ۽ عملي کانسواءِ سطحي ٻيڙين بابت منصوبن جو مالي سهڪار به شامل آهي. ٻئي پاسي روس هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته اولهه جي ملڪن پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي تڪرار جي حل جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي آهي.