دمشق-20 فيبروري (اي پي پي)شام ڪينيڊا پاران پابنديون هٽائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ڏانهن هڪ هاڪاري قدم آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو گڏيل احترام جي بنياد تي ڳالهين ۽ سهڪار ڏانهن اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته پابندين جي خاتمي سان ٻه …
شام جي ڪينيڊا پاران پابنديون هٽائڻ جي فيصلي جي آجيان

مزید خبریں
دمشق-20 فيبروري (اي پي پي)شام ڪينيڊا پاران پابنديون هٽائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو قدم ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ڏانهن هڪ هاڪاري قدم آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو گڏيل احترام جي بنياد تي ڳالهين ۽ سهڪار ڏانهن اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو ته پابندين جي خاتمي سان ٻه طرفن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ هوندي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ، عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ خطي ۾ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. شام جي پرڏيهي وزارت عالمي برادري سان تعميري انداز ۾ رابطا جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ به ڪيو.











