قاهره-20 فيبروري (اي پي پي) مصر جي اتر اوڀر صوبي پورٽ سعيد ۾ ٽرڪ ۽ مسافر پڪ اپ جي ٽڪر سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ اڪثر ماهيگير هئا، حادثي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حادثو پورٽ سعيد جي ڏکڻ ۾ هاءِ وي تي پيش آيو. رپورٽ مطابق زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ اختيارين حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ …
مصر ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 18 ڄڻا فوت، 3 زخمي

مزید خبریں
قاهره-20 فيبروري (اي پي پي) مصر جي اتر اوڀر صوبي پورٽ سعيد ۾ ٽرڪ ۽ مسافر پڪ اپ جي ٽڪر سبب 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ اڪثر ماهيگير هئا، حادثي ۾ 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حادثو پورٽ سعيد جي ڏکڻ ۾ هاءِ وي تي پيش آيو. رپورٽ مطابق زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ اختيارين حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.











