واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊڪشنر چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يرغمالين جي واپسي سان گڏو گڏ غزه جي رهواسين جي مدد جي به ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جيرڊڪشنر واشنگٽن ۾ پيس ڪائونسل جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اها جنگ هر لحاظ کان المناڪ هئي ۽ غزه مينيجمينٽ جي نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين علي شعث ۽ ڪيمٽي سبب …
آمريڪي صدر يرغمالين جي واپسي سان گڏو گڏ غزه جي رهواسين جي مدد جي به ڪوشش ڪئي: ڊونلڊ ٽرمپ جو ناٺي جيرڊڪشنر

مزید خبریں
واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊڪشنر چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يرغمالين جي واپسي سان گڏو گڏ غزه جي رهواسين جي مدد جي به ڪوشش ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جيرڊڪشنر واشنگٽن ۾ پيس ڪائونسل جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اها جنگ هر لحاظ کان المناڪ هئي ۽ غزه مينيجمينٽ جي نيشنل ڪميٽي جي چيئرمين علي شعث ۽ ڪيمٽي سبب اسان اڄ هتي غزه جي رهواسين کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ موجود آهيون ته جيئن سندن تڪليفن کي ختم ڪري سگهجي ۽ کين ڪاميابي جا سمورا موقعا فراهم ڪري سگهجن. هن انهن ملڪن جو ٿورو مڃيو جن شروع ۾ ئي پيس ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اسان پنهنجن ملڪن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اسانکي يقين آهي ته دنيا ان حوالي سان بهتر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ناڪامي ڪو آپشن ناهي ۽ اسانکي ڪاميابي جا رستا ڳولڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.











