واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا بوئنگ جي سي ايس ٽي-100 اسٽار لائنز جي عملي سان ڪيل آزمائشي خلائي مشن جي جاچ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هارڊ ويئر جي خرابين، اهليت جي کوٽ، قيادت جي غلطين ۽ اداراجاتي ثقافتي مسئلن کي مشن دوران پيدا ٿيل خطرن جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناسا پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو …
ناسا پاران بوئنگ جي سي ايس ٽي-100 اسٽار لائنز جي عملي سان ڪيل آزمائشي خلائي مشن جي جاچ بابت رپورٽ جاري

مزید خبریں
واشنگٽن-20 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا بوئنگ جي سي ايس ٽي-100 اسٽار لائنز جي عملي سان ڪيل آزمائشي خلائي مشن جي جاچ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ هارڊ ويئر جي خرابين، اهليت جي کوٽ، قيادت جي غلطين ۽ اداراجاتي ثقافتي مسئلن کي مشن دوران پيدا ٿيل خطرن جو وڏو سبب قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناسا پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خلائي جهاز جي عارضي طور تي ڪنٽرول جي صلاحيت متاثر ٿيڻ ۽ عملي جي عالمي خلائي اسٽيشن ويجهو پهچڻ دوران پيش آيل مسئلن سبب ان آزمائشي اڏام کي اداري جي حادثن جي رپورٽنگ نظام ۾ اعليٰ ترين درجي جو واقعو يعني ٽائپ اي مس هيپ (حادثو) قرار ڏنو ويو آهي. ناسا جي ايڊمنسٽريٽر جيرڊ آئزڪ مين پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته بوئنگ اسٽار لائنز کي عملي کانسواءِ ۽ تازي عملي سان گڏ ڪيل مشنز دوران ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا ۽ خلائي اسٽيشن سان ڊاڪنگ دوران پيش آيل فني مشڪلاتون واضح طور تي سامهون آيون. هن چيو ته ناسا قيادت جي سطح تي جوابدهي کي يقيني بڻائي رهيو آهي ۽ اسٽار لائنز کي ٻيهر اڏام لاءِ تيار ڪرڻ کان اڳ بوئنگ سان گڏجي سڌارن وارا قدم کڻندو.











