واشنگٽن_20 فيبروري (اي پي پي)بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسي آل خليفه آمريڪا ۾ ” پيس ڪائونسل “ جي پهرين اجلاس ۾ پنهنجي خطاب دوران غزه ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسى آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي پيس ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن پهتو هو. شاهه حمد بن عيسى وچ اوڀر ۽ دنيا ۾ …
بحرين جي بادشاهه پاران غزه ۾ جنگ بندي جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
واشنگٽن_20 فيبروري (اي پي پي)بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسي آل خليفه آمريڪا ۾ ” پيس ڪائونسل “ جي پهرين اجلاس ۾ پنهنجي خطاب دوران غزه ۾ جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي.پرڏيهي ميڊيا مطابق بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسى آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي پيس ڪائونسل جي پهرين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن پهتو هو. شاهه حمد بن عيسى وچ اوڀر ۽ دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۽ تعاون جي رستن کي هٿي ڏيڻ لاءِ بحرين جي عزم جي تصديق ڪئي. ان حوالي سان شاهه حمد بن عيسى غزه پٽي ۾ پائيدار امن جا موقعا وڌائڻ، ان جي نئين سر تعمير، غزه جي حوالي سان ٽرمپ جي پيش ڪيل امن منصوبي تي عمل درآمد، فلسطيني عوام جي جائز حقن جي تحفظ ۽ علائقائي ۽ عالمي استحڪام جي حمايت لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ان اجلاس ۾ اسان جي شرڪت بحرانن ۽ تڪرارن جي حل لاءِ گڏيل ڪم جي اهميت تي اسان جي پختي يقين جي تصديق آهي ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري تي ٻڌل اهڙي پرامن حل جي حمايت آهي جيڪو شهرين جي تحفط، سلامتي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي، عوام جي مفادن جي حفاظت ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي جي اصولن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿئي.











