اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪارروايون نسل ڪشي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون

 گڏيل قومون - 20 فيبروري (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل جي فوج جو والاريل اولهه ڪناري ۾ وڌندڙ ڪارروائين کي فلسطيني آبادي لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي اسرائيلي فوجي ڪارروائيون فلسطينين جي نسل ڪشي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن بابت آفيس چيو آهي ته  اسرائيلي فوج اولهه ڪناري ۾ ڪارروائيون گهڻ رخي اثرن جو سبب بڻجنديون. انساني حقن بابت آفيس مطابق اسرائيلي فوج اولهه …

 گڏيل قومون – 20 فيبروري (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل جي فوج جو والاريل اولهه ڪناري ۾ وڌندڙ ڪارروائين کي فلسطيني آبادي لاءِ انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي اسرائيلي فوجي ڪارروائيون فلسطينين جي نسل ڪشي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن بابت آفيس چيو آهي ته  اسرائيلي فوج اولهه ڪناري ۾ ڪارروائيون گهڻ رخي اثرن جو سبب بڻجنديون. انساني حقن بابت آفيس مطابق اسرائيلي فوج اولهه ڪناري جي فلسطينين کي شديد ڪارروائين جو نشانو بڻائيندي منظم انداز ۾ گهرن کي به تباهه ڪيو پيو وڃي. نه رڳو اهو پر اولهه ڪناري ۾ به فلسطينين کي انساني بنيادن تي ملندڙ امداد کان به محروم رکڻ لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون پابنديون  لڳايون ويون آهن. انهن سڀني ڪارروائين جو مقصد علائقي ۾ آبادي جي شرح کي تبديل ڪرڻ نظر اچي رهيو آهي . ان مقصد لاءِ جبري لڏ پلاڻ ۽ بي گهر ڪرڻ جي مهم جاري آهي . نتيجو اهو آهي ته مستقل بي گهر ڪرڻ جو ماحول بڻايو ويو آهي. هاڻي اها صورتحال بڻجي رهي آهي ته فلسطينين جي نسل جي صفائي جو خدشو پيدا ٿي چڪو آهي . اهو خدشو  غزه ۽ اولهه ڪناري ٻنهي جڳهن تي موجود آهي. انساني حقن جي يو اين آفيس ۾ اها رپورٽ پهرين نومبر 2024ع کان 31 آڪٽوبر 2025ع عرصي تي ٻڌل آهي. رپورٽ جنهن اولهه ڪناري ۽ ان سان ڳنڍيل اوڀر يروشلم جي حالت تي فوڪس ڪيو ويو آهي. اسرائيل جي فوج فلسطينين خلاف منظم انداز ۾ غير قانوني ڪارروائيون ڪري رهي آهي . وڏي پيماني تي فلسطينين جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن انهن جي گهرن سميت سندن ملڪيتن ۽ هر طرح جي عمارتن کي  ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه پوري منصوبه بندي سان ڪيو پيو وڃي ته جيئن جبري طورتي فلسطينين کي اڪثريتي علائقي مان بي دخل ڪيو وڃي. انهن ڪارروائين جو مقصد آبادي جي شرح کي تبديل ڪرڻ آهي . ان سلسي ۾ جاري اسرائيلي ڪارروائيون فلسطينين جي نسل ڪشي جي سطح تي پهچڻ جو خدشو آهي. جنهن تي گڏيل قومن کي ڳڻتي آهي.

مزید خبریں