گڏيل قومون-20 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن سوڊان جي شهر الفاشر ۾ ” نسل ڪشي “ جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي، جتي گذريل سال آڪٽوبر ۾ ريپڊ سپورٽ فورسز جي قبضي بعد ڪيترائي ظلم پيش آيا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي رپورٽ جنهن جو عنوان هو ” الفاشر ۾ نسل ڪشي جا سبب “ ۾ چيو ويو ته نسل ڪشي جو ارادو اهو …
سوڊان ۾ ريپڊ سپورٽ نسل ڪشي جي برابر آهي: گڏيل قومن جي رپورٽ

مزید خبریں
گڏيل قومون-20 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن سوڊان جي شهر الفاشر ۾ ” نسل ڪشي “ جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي، جتي گذريل سال آڪٽوبر ۾ ريپڊ سپورٽ فورسز جي قبضي بعد ڪيترائي ظلم پيش آيا . پرڏيهي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي رپورٽ جنهن جو عنوان هو ” الفاشر ۾ نسل ڪشي جا سبب “ ۾ چيو ويو ته نسل ڪشي جو ارادو اهو واحد منطقي نتيجو آهي، جيڪو ريپد سپورٽ فورسز جي ان شهر ۾ ڪيل منظم قدمن مان نڪري سگهي ٿو . جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته غير عرب ڪميونٽيز جي ماڻهن جي قتل جي واقعن ۽ ٻين ظلمن ۾ نسل ڪشي جا آثار مليا آهن. گڏيل قومن جي ٽيم اهو به ٻڌايو ته ريپڊ سپورٽ فورسز ماڻهن کي نسلي، جنسي ۽ سياسي وابستگي جي بنياد تي منظم ۽ هر ڀيري نشانو بڻايو جنهن ۾ اجتماعي قتل، زيادتي ، تشدد ۽ اذيت ۽ ماڻهن کي اهڙين حالتن ۾ رکڻ جيڪو انهن جي ڪميونٽي جي خاتمي جو سبب بڻيو، شامل هو . رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انهن ڏوهن ۾ نسلي بنياد تي قتل، جنسي تشدد، تباهي ۽ کلي عام اهڙا بيان شامل هئا. رپورٽ جي نتيجي ۾ چيو ويو ته ثبوت ظاهر ڪن ٿا ته محفوظ نسلي گروپ جي ماڻهن جو قتل ، جسماني ۽ ذهني شديد نقصان پهچائڻ جهڙن قدمن جو دائرو ان جي هم آهنگي ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز جي سينيئر اختيارين جي کليل حمايت کي ظاهر ڪري ٿو ته الفاشي ۽ ان جي ويجهڙائي ۾ ڪيل ڏوهه منفرد جنگي ڪارروائيون نه هيون پر منظم منصوبه بندي جو نتيجو هيون.











