ايم ايس ايف پاران اسرائيل ۾ پابندين باوجود غزه ۾ ڪم جاري رکڻ جو اعلان

 عمان / برسلز _20 فيبروري (اي پي پي) ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم ” ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز “ چيو آهي ته انساني خدمت ۽ خيرات جي سلسلي ۾ خدمت غزه ۾ ان وقت تائين جاري رهندي جيسيتائين جاري رکڻ ممڪن رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق تنظيم جي نمائندي هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسرائيل طرفان پابندي لڳائڻ باوجود ايم ايس ايف غزه ۾ امدادي ڪمن کي جاري رکندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته جيسيتائين اسان لاءِ انساني خدمت …

 عمان / برسلز _20 فيبروري (اي پي پي) ڊاڪٽرن جي عالمي تنظيم ” ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز “ چيو آهي ته انساني خدمت ۽ خيرات جي سلسلي ۾ خدمت غزه ۾ ان وقت تائين جاري رهندي جيسيتائين جاري رکڻ ممڪن رهندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق تنظيم جي نمائندي هڪ انٽرويو دوران چيو ته اسرائيل طرفان پابندي لڳائڻ باوجود ايم ايس ايف غزه ۾ امدادي ڪمن کي جاري رکندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته جيسيتائين اسان لاءِ انساني خدمت جو  اهو ڪم جاري رکڻ ممڪن رهيو ڪندا رهنداسين . هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جنوري  جي  شروع کان ئي اسان پرڏيهه مان پنهنجي اسٽاف کي غزه ۾ نه آڻي سگهيا آهيون . ڇو ته اسرائيلي فوج طرفان اجازت نه آهي . اسان جي تنطيم سان لاڳاپيل ماڻهن کي غزه کان علاوه والاريل اولهه ڪناري ۾ به اهڙي طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . هن چيو ته اڄڪلهه اسان کي هتي فلسطينين  جي علاج لاءِ دوائون آڻڻ کان روڪيو ويو آهي  پر اسان وٽ دوائن جو ڪجهه مقدار موجود هو جنهن سان اسان پنهنجو ڪم ڪنهن حد تائين هلائي رهيا آهيون . سندس اهو به چوڻ هو ته غزه ۾ مقامي ڪارڪنن کان علاوه پرڏيهه کان اچي خدمتون انجام ڏيندڙ ڪارڪن به موجود آهن . پر نئين اسٽاف ميمبرن کي غزه  ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي . ياد رهي ته ڊسمبر مهيني ۾ اسرائيل اعلان ڪيو هو ته اسرائيل 37 اين جي اوز ۽ خيراتي ادارن کي فلسطيني عوام جي خدمت انجام ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو هو . انهن 37 ۾ ڊاڪٽرز وڌ آئوٽ بارڊرز به شامل هوندو . جنهن کي پهرين مارچ بعد غزه ۾ طبي خدمت فراهم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں