ڪنهن به جارحيت تي پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي فيصلائتو جواب ڏينداسين: ايران جي نمائندي جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط

 گڏيل قومون _20 جنوري (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي جارحيت ڪئي وئي ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت دفاع جو حق استعمال ڪندي فيصلائتو جواب ڏينداسين. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ چئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته خطي جي غير مستحڪم …

 گڏيل قومون _20 جنوري (اي پي پي) ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف ڪنهن به قسم جي فوجي جارحيت ڪئي وئي ته هو گڏيل قومن جي چارٽر تحت دفاع جو حق استعمال ڪندي فيصلائتو جواب ڏينداسين. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ چئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته خطي جي غير مستحڪم صورتحال ۽ آمريڪا طرفان فوجي ساز و سامان ۽ اثاثن جي مسلسل اچ وڃ ۽ اضافي کي نظر ۾ رکندي اهڙي جارحاڻي بيان  کي رڳو بيان بازي نه سمجهڻ گهرجي. اها فوجي جارحيت جي حقيقي خطري جي نشاندهي ڪري ٿي. ايران سلامتي ڪائونسل ۽ گڌيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڀريو آهي ته هو دير ٿيڻ کان پهريان فوري قدم کڻي. هن خبردار ڪيو ته طاقت جي استعمال جون ڌمڪيون ۽ جارحاڻي قدم کي پرڏيهي پاليسي جي هٿيار طور معمول يا جائز قرار نه ڏيڻ گهرجي. خط ۾ ايران آمريڪا سان ايٽمي ڳالهين ۾ گڏيل طور تي قابل قبول ۽ نتيجي جوڳي حل جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سنجيدگي سان ڳالهيون ڪري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي بنيادي اصولن جو حقيقي احترام ڪري ته هڪ پائيدار ۽ متوازن حل ممڪن آهي.

مزید خبریں