واشنگٽن -19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي قومي سلامتي بابت سينيئر اختيارين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ڇنڇر تائين ايران تي امڪاني حملي لاءِ تيار آهي پر صدر ٽرمپ طرفان حملي بابت ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو . پرڏيهي ميڊيا موجب امڪاني ڪارروائي جي حتمي وقت جو فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ اهو ڇنڇر جي ڏينهن کان اڳتي به ٿي سگهي ٿو . …
آمريڪي فوج ايران تي امڪاني حملي لاءِ تيار آهي : صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي بريفنگ

مزید خبریں
واشنگٽن -19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي قومي سلامتي بابت سينيئر اختيارين صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪي فوج ڇنڇر تائين ايران تي امڪاني حملي لاءِ تيار آهي پر صدر ٽرمپ طرفان حملي بابت ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو . پرڏيهي ميڊيا موجب امڪاني ڪارروائي جي حتمي وقت جو فيصلو ناهي ڪيو ويو ۽ اهو ڇنڇر جي ڏينهن کان اڳتي به ٿي سگهي ٿو . اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته صدر ٽرمپ هيستائين ايران تي حملي جو حتمي فيصلو ناهي ڪيو، جڏهن ته وائٽ هائوس ۾ ان معاملي تي مسلسل صلاح مشورو جاري آهي . جتي انهن قدمن بابت خطرن ، امڪاني رد عمل ۽ حملي جي سياسي ۽ عسڪري نتيجن تي غور ڪيو پيو وڃي. پينٽاگون ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ وچ اوڀر کان ڪجهه اهلڪارن کي عارضي طور تي يورپ يا آمريڪا منتقل ڪري رهيو آهي ته جيئن جيڪڏهن ڪارروائي ڪئي وئي ته ان ۾ ايران جي امڪاني جوابي حملن کان بچي سگهجي . آمريڪي ذريعن مطابق اهو قدم معمول جي تياري جو حصو آهي ۽ ان جو مطلب اهو ناهي ته حملو فوري طور تي ٿيڻ وارو آهي. پينٽاگون جي ترجمان ان حوالي سان ڪنهن به قسم جو تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي . پر وائٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو ته ايران تي حملي جا ڪيترائي جواز موجود آهن پر صدر جي پهرين ترجيح هميشه سفارتڪاري آهي . هن اهو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو ته ڇا ڪاروائي اسرائيل سان گڏجي ڪئي ويندي يا نه .











