ويٽنام جي ايئر لائنز پاران جهازن جي خريداري لاءِ آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين سان 36.9 ارب ڊالرن جي ماليت جا معاهدا

 واشنگٽن 19-فيبروري (اي پي پي) ويٽنام جي ايئرلائنز مسافر جهازن جي خريداري لاءِ آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين سان 36.9 ارب ڊالرن جي ماليت جا معاهدا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام جي ٽن ايئرلائنز آمريڪي هوائي ڪمپنين سان جهازن ۽ ڄاڻايل خدمتن جي خريداري جا اهي معاهده اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن هنوئي ۽ واشنگٽن وچ ۾ ويٽنام جي مصنوعات تي لاڳو آمريڪي ٽيرف جي حوالي سان واپاري …

 واشنگٽن 19-فيبروري (اي پي پي) ويٽنام جي ايئرلائنز مسافر جهازن جي خريداري لاءِ آمريڪي ۽ يورپي ڪمپنين سان 36.9 ارب ڊالرن جي ماليت جا معاهدا ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ويٽنام جي ٽن ايئرلائنز آمريڪي هوائي ڪمپنين سان جهازن ۽ ڄاڻايل خدمتن جي خريداري جا اهي معاهده اهڙي وقت ۾ سامهون آيا آهن جڏهن هنوئي ۽ واشنگٽن وچ ۾ ويٽنام جي مصنوعات تي لاڳو آمريڪي ٽيرف جي حوالي سان واپاري ڳالهيون جاري هيون. نئين قائم ٿيل ايئر لائن سن فوچوڪ ايئر ويز 40 بوئنگ 787 ڊريم لائنز جهازن جو آڊر ڏنو آهي جنهن جي مصنوعي ماليت 22.5 ارب ڊالرز ٻڌائي وئي آهي.  ڪمپني موجب اهو قدم هڪ بين البراعظمي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ جي اسٽريٽجڪ حڪمت عملي جو حصو آهي. قومي هوائي ڪمپني ويٽنام ايئرلائن 50 بوئنگ 737-8 جهازن لاءِ 8.1 ارب ڊالرن جي ماليت جو معاهدو ڪيو آهي. جڏهن ته مستقبل ۾ وڌيڪ 30 وڏي جسامت (وائيڊ باڊي) جهاز خريد ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي وئي آهي . ڪمپني جي چيئرمين چيو ته اهو معاهدو 2030 ع تائين پهرين نمبر جي ايئر لائن بڻجڻ جي هدف جو بنياد فراهم ڪندو . گهٽ لاڳت واري ايئرلائن ويٽ جيٽ ائير به مجموعي طور تي 6.3 ارب ڊالرن جي ٻن معاهدن جو اعلان ڪيو آهي. ان مان 5.4 ارب ڊالرز 44 ائير بس اي 320 جهازن جي انجڻن جي فراهمي ۽ سار سنڀال تي خرچ ٿيندا. جڏهن ته 96 ڪروڙ ڊالرز 6 بوئينگ 737 جهازن جي ليز جي معاهدي تي خرچ ڪيا ويندا.

مزید خبریں