سعودي عرب خطي ۾ اسان جو اهم اسٽريٽجڪ حصيدار آهي: روس جو پرڏيهي وزير

ماسڪو-19 فيبروري (اي پي پي ) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو آهي ته سعودي عرب خطي ۾ روس جو اهم اسٽريٽجڪ  حصيدار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب سان لاڳاپن جي نوعيت تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ اعلي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري آهي. سعودي عرب ۽ روس لاڳاپن جا 100 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هن چيو ته …

ماسڪو-19 فيبروري (اي پي پي ) روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف چيو آهي ته سعودي عرب خطي ۾ روس جو اهم اسٽريٽجڪ  حصيدار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب سان لاڳاپن جي نوعيت تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سعودي عرب ۽ روس وچ ۾ اعلي سطح تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري آهي. سعودي عرب ۽ روس لاڳاپن جا 100 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي هن چيو ته سعودي عرب جي گادي وارو هنڌ رياض مونکي پسند آهي ۽ سعودي ولي عهد جي سرپرستي ۾ اهو هاڻي پهرين کان وڌيڪ ترقي يافته ٿي چڪو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي تاريخ جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته اهو سلسلو 1926ع کان شروع ٿيو هيو. هن واضح ڪيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپا پيدا ٿيا آهن. اسان جي رياست سعودي عرب کي وچ اوڀر ۾ هڪ اسٽريٽجڪ حصيدار طور تي ڏسي ٿي ۽ اسان محسوس ڪيون ٿا ته اسان جي سعودي عرب جي ساٿين  جي به اها سوچ آهي . هن چيو ته ويجهڙ ۾ سعودي ولي عهد ۽ روس جي صدر وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن معاشي، انساني ۽ سياست سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اصولي حصيداري جي رجحان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مستقبل ۾ خاص طور تي گهٽ عرصي لاءِ رابطن جي بنياد تي اتفاق ڪيو .

مزید خبریں