پيرس-19 فيبروري(اي پي پي ) فلسطين جي اڳوڻي سفير ليليٰ شاهد 76 سالن جي عمر ۾ فرانس ۾ لاڏاڻو ڪري وئي . پرڏيهي ميڊيا موجب سندس ڀيڻ زينه ٻڌايو ته ليليٰ شاهد فوت ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا . فرانس ۾ فلسطين جي سفير حاله ابو حاسير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسان جي سفارتڪاري ۾ هڪ وڏو نالو ليليٰ شاهد …
فلسطين جي اڳوڻي سفير ليليٰ شاهد فرانس ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

مزید خبریں
پيرس-19 فيبروري(اي پي پي ) فلسطين جي اڳوڻي سفير ليليٰ شاهد 76 سالن جي عمر ۾ فرانس ۾ لاڏاڻو ڪري وئي . پرڏيهي ميڊيا موجب سندس ڀيڻ زينه ٻڌايو ته ليليٰ شاهد فوت ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا . فرانس ۾ فلسطين جي سفير حاله ابو حاسير سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي چيو ته اسان جي سفارتڪاري ۾ هڪ وڏو نالو ليليٰ شاهد هاڻي اسان سان گڏ ناهي. اهو فلسطين لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. انصاف تي يقين رکندڙ سڄي دنيا لاءِ هڪ نقصان آهي. ليليٰ شاهد 1949ع ۾ لبنان ۾ پيدا ٿي هئي، هو پهرين عورت هئي جيڪا ٻاهرين ملڪ فلسطين لبريشن آرگنائزيشن ( پي ايل او ) جي ميمبر هئي . سندس ڪيريئر آئرلينڊ ۾ شروع ٿيو بعد ۾ هن کي هالينڊ ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ آخرڪار فرانس ۽ يورپي يونين ۾ فلسطيني نمائندي طور مقرر ٿي .











