گڏيل قومون-19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته لبيا جو سياسي عمل اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي خاتمي، اتحاد، استحڪام ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد لبيا ۾ گڏيل قومن جي سپورٽ مشن (يو اين ايس ايم آءِ ايل) …
لبيا جو سياسي عمل رولڙي جو شڪار، اتحاد، استحڪام ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي: پاڪستان

مزید خبریں
گڏيل قومون-19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته لبيا جو سياسي عمل اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ دٻاءُ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن جي خاتمي، اتحاد، استحڪام ۽ چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد لبيا ۾ گڏيل قومن جي سپورٽ مشن (يو اين ايس ايم آءِ ايل) جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اسان لبيا جي سمورين ڌرين سان مسلسل رابطي جي اهميت تي زور ڀريون ٿا ته جيئن سياسي عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ سمورن شهرين کي امن جا حقيقي ثمر فراهم ڪري سگهجن. عاصم افتخار احمد چيو ته پاڪستان لبيا ۾ پائيدار امن ۽ خوشحالي لاءِ لبيا جي قيادت ۾ سياسي عمل جي مڪمل حمايت جاري رکندو ڇاڪاڻ ته اهو ئي واحد عمل جوڳو رستو آهي. هن سياسي روڊ ميپ تي عملدرآمد جي شروعاتي قدمن تي اڳڀرائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ان ۾ هاءِ نيشنل اليڪشن ڪميشن جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ چونڊن بابت آئيني ۽ قانوني فريم ورڪ ۾ ترميمون شامل آهن، جڏهن ته هن ڊگهي مدي واري استحڪام لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته طئي ٿيل سيڪيورٽي انتظامن تي مڪمل عملدرآمد ۽ سيڪيورٽي سيڪٽر سڌارن ۾ پائيدا اڳڀرائي لاءِ ڳالهيون جاري رهڻ گهرجن. پاڪستاني نمائندي آئيني عدليه بابت مسئلن جي حل لاءِ ليبيائي ڌرين جي ثالثي جي ڪوششن جنهن ۾ ناليوارن ليبيائي قانوني ماهرن تي ٻڌل ثالثي ڪميٽي جي جوڙجڪ جي آجيان ڪئي. هن قومي بجيٽ جي منظوري ۽ معاشي نظم ۽ ضبط کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو، پاڪستاني نمائندي ليبيا جي منجمند اثاثن جي تحفظ ۽ انهن کي ليبيا جي عوام جي مفاد ۾ ٻيهر سيڙپڪاري ڪرڻ جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.











