تهران-19 فيبروري (اي پي پي) ايران ۽ روس عمان سمنڊ ۾ سامونڊي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب هرمز سمنڊ ۾ به مشقن جي شروعات ڪئي جنهن کي خطي ۾ موجود آمريڪي سامونڊي فوج لاءِ هڪ چيلنج سمجهيو پيو وڃي. مشقن جي ترجمان ريئر ايڊمرل حسن مقصودلو ٻڌايو ته اسلامي جمهوريا ايران ۽ روس جون گڏيل فوجي مشقون گذريل ڏينهن عمان سمنڊ ۽ اتر هندي …
ايران ۽ روس پاران عمان سمنڊ ۾ سامونڊي مشقون شروع

مزید خبریں
تهران-19 فيبروري (اي پي پي) ايران ۽ روس عمان سمنڊ ۾ سامونڊي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پاسداران انقلاب هرمز سمنڊ ۾ به مشقن جي شروعات ڪئي جنهن کي خطي ۾ موجود آمريڪي سامونڊي فوج لاءِ هڪ چيلنج سمجهيو پيو وڃي. مشقن جي ترجمان ريئر ايڊمرل حسن مقصودلو ٻڌايو ته اسلامي جمهوريا ايران ۽ روس جون گڏيل فوجي مشقون گذريل ڏينهن عمان سمنڊ ۽ اتر هندي سمنڊ ۾ منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته انهن مشقن جو مقصد سامونڊي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ آهي، پر هن مشقن جي مدي بابت ڪجهه نه ٻڌايو. اهي جنگي مشقون اهڙي وقت ۾ ٿي رهيون آهن جڏهن ايران اڱاري تي عمان جي ٽياڪڙي ۾ جنيوا ۾ ٿيل ڳالهين جي ٻئين دور کانپوءِ هاڪاري انداز اختيار ڪيو آهي.











