آمريڪي رياست نيو جرسي جي وڏي آمريڪي هوائي اڏي تي اڏامون بحال

نيويارڪ-19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي رياست نيو جرسي جي نيوارڪ لبرٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عارضي معطلي کانپوءِ اڏامون ٻيهر بحال ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئرپورٽ انتظاميا سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ان جي تصديق ڪئي. گرائونڊ اسٽاپ ان وقت لاڳو ڪيو ويو جڏهن جيٽ بليو ايئرلائن جي هڪ اڏام کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي، جنهن سبب هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين فلائيٽ آپريشن …

نيويارڪ-19 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي رياست نيو جرسي جي نيوارڪ لبرٽي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي عارضي معطلي کانپوءِ اڏامون ٻيهر بحال ڪيون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئرپورٽ انتظاميا سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ ان جي تصديق ڪئي. گرائونڊ اسٽاپ ان وقت لاڳو ڪيو ويو جڏهن جيٽ بليو ايئرلائن جي هڪ اڏام کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي، جنهن سبب هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين فلائيٽ آپريشن معطل رهيو. ميڊيا رپورٽس مطابق جيٽ بليو جي اڏام 543، جيڪو ويسٽ پام بيچ، فلوريڊا وڃي رهي هئي، انجڻ ۾ خرابي سبب ٽيڪ آف جي ڪجهه ئي دير بعد واپس موٽي آئي. آمريڪي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن (ايف اي اي) جي بيان مطابق عملي ڪاڪ پٽ ۾ دونهون محسوس ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ۽ جهاز جي رن وي تان هٽڻ کانپوءِ مسافرن کي سلائيڊز ذريعي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو. رپورٽس مطابق اڏام ۾ 122 مسافر سوار هئا، جن مان هڪ مسافر کي سيني ۾ تڪليف جي شڪايت تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايف اي اي واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو آهي.

مزید خبریں