ابوجا-19 فيبروري (اي پي پي) نائجيريا ۾ سيسي جي کاڻ ۾ گيس ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 38 پورهيت فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مقامي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته واقعو لوڪل گورنمينٽ ايريا زرڪ ڪميونٽي ۾ پيش آيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته کاڻ ۾ هڪ نجي ڪمپني جي نگراني هيٺ ڪم ٿي رهيو هو جتي اڪثر پورهيت زمين هيٺ سرنگن ۾ …
نائجيريا ۾ گيس ڌماڪو، 38 پورهيت فوت، ڪيترائي زخمي

مزید خبریں
ابوجا-19 فيبروري (اي پي پي) نائجيريا ۾ سيسي جي کاڻ ۾ گيس ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 38 پورهيت فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري مقامي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته واقعو لوڪل گورنمينٽ ايريا زرڪ ڪميونٽي ۾ پيش آيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته کاڻ ۾ هڪ نجي ڪمپني جي نگراني هيٺ ڪم ٿي رهيو هو جتي اڪثر پورهيت زمين هيٺ سرنگن ۾ مصروف هئا. شروعاتي اطلاع مطابق زمين هيٺ سرنگن ۾ زهريلي گيس خاص طور تي ڪاربن مونوآڪسائيڊ جي گڏ ٿيڻ سبب ڌماڪو ٿيو. تفصيل مطابق فوتين ۾ اڪثر نوجوان شامل آهن جن جي عمر 20 کان 35 سال وچ ۾ هئي. اختياريون واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.











