خرطوم-19 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماتحت ادارن جو گڏيل امدادي قافلو سوڊان جي رياست ڪردفان جي اهم شهرن ڊلنگ ۽ ڪادگلي پهچي ويو، جتي هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي هنگامي امداد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا عالمي اداري پاران جاري (گڏيل) بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو قافلو ورلڊ فوڊ پروگرام، يونيسڪو ۽ يو اين ڊولپمينٽ پروگرام طرفان فراهم ڪيل انساني همدردي جي …
گڏيل قومن جو 26 ٽرڪن تي ٻڌل امدادي قافلو سوڊان جي جنگ متاثر علائقن ۾ پهچي ويو، هڪ لک 30 هزار ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو ويندو: عالمي ادارو

مزید خبریں
خرطوم-19 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ماتحت ادارن جو گڏيل امدادي قافلو سوڊان جي رياست ڪردفان جي اهم شهرن ڊلنگ ۽ ڪادگلي پهچي ويو، جتي هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي هنگامي امداد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي ميڊيا عالمي اداري پاران جاري (گڏيل) بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو قافلو ورلڊ فوڊ پروگرام، يونيسڪو ۽ يو اين ڊولپمينٽ پروگرام طرفان فراهم ڪيل انساني همدردي جي امداد تي ٻڌل آهي، اها گذريل ٽن مهينن دوران علائقي ۾ پهرين وڏي امدادي فراهمي آهي، جنهن سبب هڪ لک 30 هزار ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 26 ٽرڪن تي ٻڌل قافلي ذريعي 700 ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ خوراڪ ۽ 70 ميٽرڪ ٽن طبي سامان پهچايو ويو. ورلڊ فوڊ پرگرام جي وقتي ڪنٽري ڊائريڪٽر مڪنه واڪر مطابق ڪيترن ئي هفتن جي دير ۽ ڏکيا متبادل رستا اختيار ڪرڻ بعد امدادي سامان متاثر علائقن ۾ پهچي سگهيو. سوڊان ۾ يونيسيف جي نمائندي چيو ته ان امدادي سان شديد غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن جو علاج جاري رکڻ، صاف پاڻي، صحت جي سهولتن ۽ ٻين بنيادي خدمتن جي بحالي ۾ مدد ملندي.











