غزه ۾ نئين انتظاميه لاءِ يورپي يونين جي حمايت

برسلز-19 فيبروري (اي پي پي) يورپي ملڪن جي بلاڪ يورپي يونين غزه ۾ جنگ بندي بعد انتظامي ڪميٽي جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه اهم دستاويز ذريعي معلوم ٿي آهي. اهو دستاويز يورپي يونين جي سفارتي آفيس طرفان تيار ڪيو ويو آهي. دستاويزن مطابق يورپي يونين غزه لاءِ قائم ڪيل نئين انتظامي ڪميٽي سان رابطي جي ڪوششن ۾ آهي ته جيئن ان سان حصيدار ٿي …

برسلز-19 فيبروري (اي پي پي) يورپي ملڪن جي بلاڪ يورپي يونين غزه ۾ جنگ بندي بعد انتظامي ڪميٽي جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه اهم دستاويز ذريعي معلوم ٿي آهي. اهو دستاويز يورپي يونين جي سفارتي آفيس طرفان تيار ڪيو ويو آهي. دستاويزن مطابق يورپي يونين غزه لاءِ قائم ڪيل نئين انتظامي ڪميٽي سان رابطي جي ڪوششن ۾ آهي ته جيئن ان سان حصيدار ٿي سگهي. يورپي يونين جو دستاويز ميمبر ملڪن کي موڪليو ويو آهي. يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ۽ امڪاني طور تي 23 فيبروري تي ان بابت باقاعده طور خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

مزید خبریں