تهران-19 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ايران ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي پر فوري طور تي ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ ايران ۾ زلزلو برطانوي وقت مطابق رات ٽي لڳي 43 منٽن تي …
ڏکڻ ايران ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو، ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو

مزید خبریں
تهران-19 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ايران ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.5 رڪارڊ ڪئي وئي پر فوري طور تي ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ڏکڻ ايران ۾ زلزلو برطانوي وقت مطابق رات ٽي لڳي 43 منٽن تي آيو. شروعاتي اطلاع مطابق زلزلي جي اونهائي اٽڪل 10 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي جنهن سبب لوڏا وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيا ويا پر هن وقت تائين ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان جو فوري اطلاع ناهي مليو. مقامي اختياريون صورتحال جو جائزو وٺي رهيون آهن.











