شام پاران عراق سان گڏيل ڪارروائي دوران منشيات جي عالمي اسمگلنگ ناڪام، 2 ڄڻا گرفتار

دمشق-19 فيبروري (اي پي پي) شام حمص صوبي ۾ عراق جي منشيات جي روڪٿام بابت جنرل ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار سان ڪيل گڏيل ڪارروائي دوران ملڪ کان ٻاهر منشيات جي وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻائيندي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي گهرو وزارت جاري بيان ۾ چيو آهي ته حمص صوبي ۾ عراق جي منشيات جي روڪٿام بابت جنرل ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار …

دمشق-19 فيبروري (اي پي پي) شام حمص صوبي ۾ عراق جي منشيات جي روڪٿام بابت جنرل ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار سان ڪيل گڏيل ڪارروائي دوران ملڪ کان ٻاهر منشيات جي وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻائيندي 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق شام جي گهرو وزارت جاري بيان ۾ چيو آهي ته حمص صوبي ۾ عراق جي منشيات جي روڪٿام بابت جنرل ڊائريڪٽوريٽ جي سهڪار ۽ هم آهنگي سان ڪيل هڪ سيڪيورٽي ڪارروائي دوران ملڪ کان ٻاهر منشيات جي هڪ وڏي کيپ اسمگل ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي. وزارت ٻڌايو ته منشيات جي روڪٿام يونٽس 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي جيڪي سرحد پار سرگرم هڪ عالمي اسمگلنگ نيٽ ورڪ هلائڻ ۾ ملوث آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان ڪارروائي جي نتيجي ۾ اٽڪل 4 لک ڪيپٽاگون گوريون هٿ ڪيون ويون جن جو وزن اٽڪل 65 ڪلوگرام آهي ۽ انهن کي شام کان ٻاهر اسمگل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو هو.

مزید خبریں