آمريڪا جاپان واپاري معاهدي تحت 36 ارب ڊالرن جي شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو

 واشنگٽن -18 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ جي انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته جاپان  ٽيرف ڳالهين کانپوءِ طئي ٿيل واپاري معاهدي تحت شروعاتي مرحلي ۾ 36 ارب ڊالر ماليت جي منصوبي جي مالي مدد ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب انهن منصوبن ۾ سينٿڪ ڊائمنڊز جي پيداوار ۽ توانائي جا ٻه  وڏا منصوبا شامل آهن . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي ٽئي منصوبا ان 550 ارب ڊالر ماليت …

 واشنگٽن -18 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلد ٽرمپ جي انتظاميه اعلان ڪيو آهي ته جاپان  ٽيرف ڳالهين کانپوءِ طئي ٿيل واپاري معاهدي تحت شروعاتي مرحلي ۾ 36 ارب ڊالر ماليت جي منصوبي جي مالي مدد ڪندو. ميڊيا رپورٽن موجب انهن منصوبن ۾ سينٿڪ ڊائمنڊز جي پيداوار ۽ توانائي جا ٻه  وڏا منصوبا شامل آهن . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اهي ٽئي منصوبا ان 550 ارب ڊالر ماليت جي پيڪج جو حصو آهن جن جو واعدو جاپان ڪيو آهي، بدلي ۾ آمريڪي انتظاميه جاپاني گاڏين ۽ ٻين شين تي لاڳو ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي آهي . ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته اهي منصوبا ايترا وڏا آهن جو هڪ خاص لفظ جي بغير ممڪن نه ٿيندا اهو لفظ آهي ٽيرف. آمريڪا ٻيهر تعمير ڪري رهيو آهي، ٻيهر پيداوار ڪري رهيو آهي ۽ ٻيهر کٽي رهيو آهي. هن ان کي آمريڪا ۽ جاپان لاءِ هڪ تاريخي لمحو قرار ڏنو . جاپاني وزيراعظم سانائي تاڪائچي سوشل ميڊيا تي چيو ته گيس انفراسٽرڪچر مصنوعي ذهانت جي ڊيٽا سينٽرز کي توانائي فراهم ڪندو، جڏهن ته سينٿٽڪ ڊائمنڊز جي تياري ٻنهي ملڪن جي ڪنهن هڪ مخصوص ملڪ تي دارو مدار ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جاپان ۽ آمريڪا منصوبي جي تفصيل کي قطعي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي جلد عملدر آمد يقيني بنائڻ لاءِ تعاون جاري رکندو .

مزید خبریں