رياض-18 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب ۾ مسجد الحرام مڪه مڪرمه ۽ مسجد نبوي مدينه منوره ۾ گذريل رات لکين مسلمانن رمضان المبارڪ جي پهرين رات سومهڻي ۽ تراويح جي نماز باجماعت ادا ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي شهرين ، پرڏيهين ۽ سڄي دنيا کان آيل عمره پانڌيئڙن سومهڻي ۽ تراويح جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ پهرين کان مسجد الحرام پهچي ويا هئا. حرمين الشريفين انتظاميه پانڌيئڙن جي آجياڻي جون سموريون …
سعودي عرب ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ رمضان جي پهرين تراويح، لکين ماڻهن جي شرڪت

مزید خبریں
رياض-18 فيبروري(اي پي پي)سعودي عرب ۾ مسجد الحرام مڪه مڪرمه ۽ مسجد نبوي مدينه منوره ۾ گذريل رات لکين مسلمانن رمضان المبارڪ جي پهرين رات سومهڻي ۽ تراويح جي نماز باجماعت ادا ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي شهرين ، پرڏيهين ۽ سڄي دنيا کان آيل عمره پانڌيئڙن سومهڻي ۽ تراويح جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ پهرين کان مسجد الحرام پهچي ويا هئا. حرمين الشريفين انتظاميه پانڌيئڙن جي آجياڻي جون سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون هيون. آب زمزم جي فراهمي ۽ مسجد الحرام کي معطر ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا. ياد رهي ته حرمين الشريفين جنرل اٿارٽي رمضان مهيني لاءِ جامع آپريشنل پلان تيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.











