ڪيوبا ناڪام ملڪ آهي، آمريڪا سان معاهدو ڪري وٺي: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن _17 فيبروري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيوبا کي هڪ ناڪام ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيوبا کي آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سومر ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران ڪيوبا ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ” وينزويلا طرز جي ڪارروائي “ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪيوبا هڪ ناڪام ملڪ آهي. هڪ سوال تي ڇا آمريڪا …

واشنگٽن _17 فيبروري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيوبا کي هڪ ناڪام ملڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيوبا کي آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سومر ڏينهن ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائڻ دوران ڪيوبا ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ” وينزويلا طرز جي ڪارروائي “ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪيوبا هڪ ناڪام ملڪ آهي. هڪ سوال تي ڇا آمريڪا ڪيوبا ۾ حڪومت جي خاتمي لاءِ وينزويلا وانگر ڪنهن ڪاروائي جو ارادو رکي ٿو جي جواب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته منهنجو ناهي خيال ته ائين ڪرڻ ضروري هوندو. هن اهو اعتراف به ڪيو ته ٻارڻ جي گهتتائي ملڪ کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ اها انسانيت لاءِ خطرو به آهي. آمريڪي صدران امڪاني معاهدي جا ڪي تفصيل ناهن ٻڌايا ۽ نه ئي اهو واضع ڪيو ته ان مان ڇا حاصل ڪيو ويندو. خيال رهي ته صدر ٽرمپ جنوري ۾ ڪيوبا کي ڌمڪي ڏني هئي ته هو آمريڪا سان معاهدو ڪري وٺي. ان کان اڳ ته گهڻي دير ٿي ويندي تڏهن ان کي سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. ان جي جواب ۾ ڪيوبا جي صدر سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته ڪنهن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه. ڪيوبا کي هن وقت ٻارڻ جي شديد کوٽ ۽ بليڪ آئوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته آمريڪي صدر انهن پابندين کي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي هوانا ڪيترن سالن کان  منهن ڏئي رهيو آهي.

مزید خبریں