اوٽاوا -17 فيبروري (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملڪ جي تجربيڪار سفارتڪار جينس شاريٽ کي آمريڪا لاءِ ملڪ جو نئون چيف واپاري ڳالهين لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته جينس شاريٽ آمريڪا ۾ ڪينيڊين سفير مارڪ وائيزمين سان گڏجي ڪينيڊا-آمريڪا- ميڪسيڪو معاهدي (سي يو ايس ايم اي) جي ايندڙ جائزي جي عمل جي نگراني …
ڪينيڊا جي وزيراعظم آمريڪا لاءِ نئون واپاري چيف ڳالهين لاءِ مقرري ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اوٽاوا -17 فيبروري (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني ملڪ جي تجربيڪار سفارتڪار جينس شاريٽ کي آمريڪا لاءِ ملڪ جو نئون چيف واپاري ڳالهين لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته جينس شاريٽ آمريڪا ۾ ڪينيڊين سفير مارڪ وائيزمين سان گڏجي ڪينيڊا-آمريڪا- ميڪسيڪو معاهدي (سي يو ايس ايم اي) جي ايندڙ جائزي جي عمل جي نگراني ڪندو. ڪينيڊا-آمريڪا- ميڪسيڪو معاهدو پهرين جولاءِ 2020 کان 16 سالن جي عرصي لاءِ لاڳو ڪيو ويو هو. معاهدي جي شرطن تحت ٽنهي ملڪن کي ان جي لاڳو ڪرڻ جي ڇهين سالگره تي گڏيل جائزو شروع ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو پهرين جولاءِ 2026ع تي ٿيڻو آهي. ڪينيڊا-آمريڪا-ميڪسيڪو معاهدي جي فريم ورڪ تحت ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ 85 سيڪڙو کان وڌيڪ واپاري سامان تي ڪا به ٽيرف لاڳو نه ٿي ٿئي.











