رياض-17 فيبروري(اي پي پي)سعودي ريلوي(سار)رمضان المبارڪ دوران حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين سروس هلائڻ جو پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت روزانو جي بنياد تي ريل گاڏين جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ريلوي چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران مڪي شريف ۽ مدينه منوره وچ ۾ سفر جي گنجائش وڌائڻ لاءِ آپريشنل تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. رمضان سيزن جي پلان ۾ روزانو جي بنياد …
سعودي عرب ۾ رمضان سيزن ۾ حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين سروس هلائڻ جو پلان جاري

مزید خبریں
رياض-17 فيبروري(اي پي پي)سعودي ريلوي(سار)رمضان المبارڪ دوران حرمين هاءِ اسپيڊ ٽرين سروس هلائڻ جو پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت روزانو جي بنياد تي ريل گاڏين جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي ريلوي چيو آهي ته رمضان المبارڪ دوران مڪي شريف ۽ مدينه منوره وچ ۾ سفر جي گنجائش وڌائڻ لاءِ آپريشنل تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. رمضان سيزن جي پلان ۾ روزانو جي بنياد تي 100 کان به وڌيڪ چڪر شامل آهن جيڪي نماز ۽ عمره زائرين جي آمد و رفت موجب شيڊولڊ ڪيا ويندا. حرمين ريلوي جي شيڊول کي اهڙي طرح ترتيب ڏنو ويو آهي ته عمره زائرين کي نماز لاءِ سهولت ملي سگهي. رمضان سيزن ۾ حرمين هاءِ اسپيڊ ريلوي ذريعي 1.7 ملين ماڻهن کي سفري سهولت فراهم ڪئي ويندي، 3 هزار 662 کان وڌيڪ چڪرن جو پلان آهي. حرمين هاءِ اسپيڊ جو شمار دنيا جي تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٿيندو آهي، جنهن جي رفتار 300 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي. اهي سڌارا مملڪت جي ويزن 2030ع ۽ قومي حڪمت عملي فار ٽرانسپورٽ اينڊ لاجسٽڪس جي مقصدن موجب آهي. سعودي ريلوي تازو ئي اسپين جي هڪ ڪمپني کان 20 نيون جديد ٽرينون خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو آهي. ٽرينن جي فراهمي سال 2028ع کان 2031ع وچ ۾ مڪمل ٿيندي. حرمين هاءِ اسپيڊ جو ٻيڙو 35 ٽرينن تي ٻڌل آهي جنهن ذريعي مڪي شريف کان مدينه منوره وچ ۾ مسافرن کي سفري سهولت فراهم ڪئي ويندي.











