واشنگٽن-16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن بورڊ جا ميمبر ملڪ غزه لاءِ 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ فنڊز فراهم ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ جا ميمبر ملڪ ان سلسلي ۾ باضابطا اعلان 19 فيبروري خميس ڏينهن ٿيندڙ پهرين باقاعده اجلاس ۾ ڪندا. آمريڪي پرڏيهي آفيس مطابق امن بورڊ جو اهو اجلاس ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ خميس …
امن بورڊ جا ميمبر ملڪ غزه لاءِ 5 ارب ڊالر فراهم ڪندا: ڊونلڊ ٽرمپ

مزید خبریں
واشنگٽن-16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن بورڊ جا ميمبر ملڪ غزه لاءِ 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ فنڊز فراهم ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ جا ميمبر ملڪ ان سلسلي ۾ باضابطا اعلان 19 فيبروري خميس ڏينهن ٿيندڙ پهرين باقاعده اجلاس ۾ ڪندا. آمريڪي پرڏيهي آفيس مطابق امن بورڊ جو اهو اجلاس ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ خميس تي ڊونلڊ ٽرمپ ”انسٽيٽيوٽ فار پيس“ نالي ٿنڪ ٽينڪ ۾ ٿيندو. ياد رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر هجڻ سان گڏوگڏ غزه کي هلائڻ واري ان بورڊ جو به صدر آهي. هن، 19 فيبروري تي امن بورڊ جو پهريون اجلاس واشنگٽن ۾ طلب ڪيو آهي. ان پهرين اجلاس ۾ 20 کان وڌيڪ ميمبر ملڪن جي نمائندن کانسواءِ ڪيترن ملڪن جا سربراهه به شريڪ ٿيندا. اهو امن بورڊ گڏيل قومن جي منظوري سان قائم ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ نار وارن ملڪن کانسواءِ پاڪستان، ترڪيه ۽ ڪيترائي يورپي ملڪ به ان ۾ شامل آهن. امن بورڊ غزه جنگبندي جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ اڳڀرائي شروع ڪرڻ وارو آهي.











