آمريڪا جي انصاف واري اداري پاران ايپسٽين فائلز ۾ 300 شخصيتن جي فهرست جاري

نيويارڪ -16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي انصاف واري کاتي ايپسٽين فائلز ۾ 300 شخصيتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي انصاف  واري اداري هم وطن سيڙپڪار جيفري ايپسٽين بابت ڪيس جي فائلن ۾ 300 کان به وڌيڪ نمايان شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. اٽارني جنرل پاران ڪانگريس ميمبرن کي جاري ڪيل خط جي حوالي سان فاڪس نيوز جي رپورٽ موجب لسٽ ۾ انهن سمورن …

نيويارڪ -16 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا جي انصاف واري کاتي ايپسٽين فائلز ۾ 300 شخصيتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي انصاف  واري اداري هم وطن سيڙپڪار جيفري ايپسٽين بابت ڪيس جي فائلن ۾ 300 کان به وڌيڪ نمايان شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. اٽارني جنرل پاران ڪانگريس ميمبرن کي جاري ڪيل خط جي حوالي سان فاڪس نيوز جي رپورٽ موجب لسٽ ۾ انهن سمورن موجوده عهديدارن ۽ سياسي طور تي اهم شخصيتن جا نالا شامل آهن. جن جو ذڪر انصاف واري اداري جي شايع ڪيل دستاويزن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو آيو آهي. رپورٽ موجب لسٽ ۾ برطانيا جي شهزادي پرنس هيري، آمريڪي ٽي وي اسٽار ماڊل ۽ ڪاروباري شخصيتن ڪم ڪارڊيشين، آمريڪي موسيقار ڪرٽ ڪوبين ۽ بروس سپرنگسٽين سميت مشهور شخصيتن جا نالا شامل آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته انصاف واري کاتي پاڻ وٽ موجوده ريڪارڊ ، دستاويزن، مواصلات  ۽ جاچ مواد شايع ڪيو آهي. جيڪو انساني اسمگلنگ ۽ دستاويز لڪائڻ سميت نون مختلف زمرن تي ٻڌل آهي. خط موجب ڪنهن به ريڪارڊ کي شرمندگي، ساک کي نقصان يا سياسي حساسيت جي بنياد تي روڪيو يا ترميم ناهي ڪيو ويو. ياد رهي ته جيفري ايپسٽين کي 6 جولاءِ 2019ع تي نيويارڪ مان گرفتار ڪيو ويو هيو. استغاثه موجب ان تي 2002ع کان 2005ع وچ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي پنهنجي مين هيٽن جي گهر گهرائڻ ۽ جنسي استحصال جا الزام هيا. آگسٽ 2019ع ۾ جيل ۾ مبينه آپگهات کان پوءِ ان خلاف فوجداري ڪارروائي ختم ڪئي وئي هئي. اي

مزید خبریں