برسلز-06 فيبروري (اي پي پي) يورپي ملڪن آمريڪي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته يورپ تهذيب جي خاتمي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جي اڳواڻ ڪاياڪالاس ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهو رد عمل ڏنو. سندس اها ڳالهه ٻولهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ان بيان جي هڪ ڏينهن بعد سامهون آئي جنهن ۾ هن يورپي اتحادين لاءِ هڪ پيغام ڏنو هيو. …
اسان تهذيب جي خاتمي جو شڪار ناهيون: يورپي ملڪن پاران آمريڪي دعويٰ تي رد عمل

مزید خبریں
برسلز-06 فيبروري (اي پي پي) يورپي ملڪن آمريڪي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته يورپ تهذيب جي خاتمي جي خطري کي منهن ڏئي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جي اڳواڻ ڪاياڪالاس ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهو رد عمل ڏنو. سندس اها ڳالهه ٻولهه آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ان بيان جي هڪ ڏينهن بعد سامهون آئي جنهن ۾ هن يورپي اتحادين لاءِ هڪ پيغام ڏنو هيو. جيتوڻيڪ سندس لهجو گذريل سال ان ڪانفرنس ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي سخت خطاب کان نرم هيو پر هن واضح ڪيو ته واشنگٽن هاڻي به ٽرانس ايٽلانٽڪ اتحاد ۽ ان جي نئين سر جوڙجڪ ۽ پنهنجي پاليسي ترجيحن تي اصرار ڪري ٿو. ڪاياڪالس ان آمريڪي قومي سلامتي حڪمت عملي جو حوالو ڏنو جيڪا ڊسمبر ۾ جاري ٿي هئي جنهن ۾ چيو ويو هيو ته يورپ جو معاشي جمود تهذيب جي خاتمي جي سنگين خطري جي ڀيٽ ۾ معمولي نظر اچي ٿو. ان آمريڪي موقف موجب يورپ کي ان جي اميگريشن پاليسين، ڄم جي شرح ۾ ٿيندڙ گهٽتائي، اظهار جي آزادي تي پابنديون ۽ قومي سڃاڻپ جي ڪمزور ٿيڻ جهڙا عنصر يورپ کي ڪمزور بڻائي رهيا آهن. هن ان تي جواب ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهن ان جي ابتڙ يورپ ڪنهن تهذيبي خاتمي جو شڪار ناهي ٿي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي به ڪيترائي ملڪ ۽ ماڻهو يورپي يونين جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا. هن چيو ته گذريل سال ڪينيڊا جي دوري دوران هن ٻڌايو ته اتي به وڏي تعداد ۾ ماڻهو يورپي يونين ۾ شموليت ۾ دلچسپي رکن ٿا. هن يورپ تي بلاجواز تنقيد کي رد ڪندي چيو ته يورپ انساني حقن، جمهوريت جي قدرن ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو سڌي ريت خوشحالي جو سبب بڻجي ٿو. مارڪو روبيو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٽرانس ايٽلانٽڪ دور جو خاتمو نه ته آمريڪا جي ترجيح آهي ۽ نه ئي خواهش. يورپي ۽ آمريڪي اڳواڻن واضح ڪيو ته ٻنهي وچ ۾ اختلاف موجود آهن.











