تهران -15 فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس تي شديد تنقيدي ڪندي چيو آهي، ته ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس رڳو ايران بابت ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ سبب ميونخ سرڪس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي ايڪس تي پنهنجي پوست ۾ لکيو آهي ته اهو ڏسڻ انتهائي افسوسناڪ آهي ته ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس پنهنجي سنجيدگي لاءِ سڃاتي وڃي ٿي، هاڻي رڳو …
ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس هاڻي ميونخ سرڪس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي: ايران جو پرڏيهي وزير

مزید خبریں
تهران -15 فيبروري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس تي شديد تنقيدي ڪندي چيو آهي، ته ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس رڳو ايران بابت ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ سبب ميونخ سرڪس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عباس عراقچي ايڪس تي پنهنجي پوست ۾ لکيو آهي ته اهو ڏسڻ انتهائي افسوسناڪ آهي ته ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس پنهنجي سنجيدگي لاءِ سڃاتي وڃي ٿي، هاڻي رڳو ايران باري ۾ ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ سبب اها ميونخ سرڪس ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته يورپي ٽرائيڪا يعني برطانيه، فرناس ۽ جرمني هاڻي غير اهم ۽ بي اثر ٿي چڪا آهن. اها اڳڀرائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران ايندڙ هفتي جنيوا ۾ ايٽمي ڳالهين جي ٻي دور جي تياري ڪري رهيا آهن.











