سعودي عرب ۾ اقامه ۽ ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ 13 هزار غيرقانوني پناهگير بيدخل

رياض -15 فيبروري (اي پي پي) سعدوي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه ليبر ۽ سرحدي قانون جي وڌيڪ 21 هزار 29 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون. جڏهن ته 13 هزار 213  غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب  5 کان 11 فيبروري 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 12 هزار 875  ماڻهن کي اقامه قانون، 4 هزار 778 کي غيرقانوني طور سرحد  پار ڪرڻ جي ڪوشش …

رياض -15 فيبروري (اي پي پي) سعدوي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه ليبر ۽ سرحدي قانون جي وڌيڪ 21 هزار 29 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون. جڏهن ته 13 هزار 213  غيرقانوني پناهگيرن کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب  5 کان 11 فيبروري 2026ع وچ ۾ مجموعي طور تي 12 هزار 875  ماڻهن کي اقامه قانون، 4 هزار 778 کي غيرقانوني طور سرحد  پار ڪرڻ جي ڪوشش ۽ 3 هزار 376  کي پورهئي جي قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست  ۾  ورتو ويو. سعودي عرب ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي 2 هزار 307  ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ 52 سيڪڙو ايٿوپين، 47 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن. ان کان علاوه 75 اهڙا ماڻهو به پڪڙيا ويا آهن جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب ۾ پاڙيسري ملڪن مان داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

مزید خبریں