عمان جي ميزباني ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون

جنيوا -15 فيبروري (اي پي پي) سوئيس اختيارين اعلان ڪيو آهي، ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور ايندڙ هفتي دوران جنيوا ۾ منعقد ٿيندو جنهن جي ميزباني سلطنت عمان ڪندي. عمان ان کان اڳ  هلندڙ مهيني مسقط ۾ پهرين دور جي ميزباني به ڪري چڪو اهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئيس پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ امريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري لاءِ …

جنيوا -15 فيبروري (اي پي پي) سوئيس اختيارين اعلان ڪيو آهي، ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور ايندڙ هفتي دوران جنيوا ۾ منعقد ٿيندو جنهن جي ميزباني سلطنت عمان ڪندي. عمان ان کان اڳ  هلندڙ مهيني مسقط ۾ پهرين دور جي ميزباني به ڪري چڪو اهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سوئيس پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته سوئٽزرلينڊ امريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري لاءِ ڪنهن به وقت ڪوششن ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمان ايندڙ هفتي جنيوا ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني ڪندو، ان هوندي به هن ڪنهن حتمي تاريخ  جو ذڪر ناهي ڪيو. فرانس پريس موجب هن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته سوئٽزرلينڊ انهن ڳالهين جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو. اها اڳڀرائي هڪ  اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ٻه آمريڪا عملدارن انڪشاف ڪيو ته آمريڪي فوج ايران خلاف هفتن تائين جاري رهندڙ مسلسل آپريشنز جي امڪان جي تياري ڪري رهيو آهي، شرط اهو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ حملي جو حڪم ڏئي. ميڊيا موجب اها امڪاني طور تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ هن وقت تائين ڏٺل تڪرار کان ڪنهن حد تائين خطرناڪ ٽڪر ثابت ٿي سگهي ٿو.

مزید خبریں