واشنگٽن-13 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي معافي نه ڏيڻ جو قدم شرمناڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته نيتن ياهو غير معمولي جنگي وزيراعظم رهيو آهي. هن چيو ته اسرائيلي صدر کيس معافي ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، منهنجي خيال ۾ انهن قدمن تي …
وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي معافي نه ڏيڻ جو اسرائيلي صدر جو قدم شرمناڪ آهي: آمريڪي صدر

مزید خبریں
واشنگٽن-13 فيبروري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي معافي نه ڏيڻ جو قدم شرمناڪ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته نيتن ياهو غير معمولي جنگي وزيراعظم رهيو آهي. هن چيو ته اسرائيلي صدر کيس معافي ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، منهنجي خيال ۾ انهن قدمن تي ان کي پاڻ کي شرمندو ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي معافي نه ڏيڻ مذمت جوڳو قدم آهي، کيس وزيراعظم کي معافي ڏيڻ گهرجي. آمريڪي صدر چيو ته اسرائيلي عوام کي صدر هرزوگ تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بدعنواني جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان تي مهانگا تحفا رشوت طور وٺڻ ۽ ميڊيا ادارن جي مالڪن سان پنهنجي حڪومت جي سازگار ڪوريج عيوض مبينه سودو طئي ڪرڻ جا الزام آهن. ان جو ڪيس 2020ع ۾ شروع ٿيو جڏهن ته غزه ۾ اسرائيل جي جنگ سميت علائقائي حالتن سبب قانوني ڪارروائي متاثر ٿيندي رهي آهي. اسرائيلي صدر جي آفيس ٽرمپ جي بيانن جي جواب ۾ واضح ڪيو آهي ته اسرائيل هڪ خودمختيار رياست آهي جيڪا قانون جي حڪمراني تحت هلندي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم جي معافي جي درخواست انصاف واري وزارت ۾ قانوني راءِ وٺڻ لاءِ بحث هيٺ آهي ۽ مقرر طريقيڪار موجب ان جو جائزو ورتو پيو وڃي. آفيس چيو ته صدر هرزوگ ان عمل جي تڪميل کانپوءِ قانون، اسرائيلي رياست جي بهترين مفادن ۽ پنهنجي ضمير موجب درخواست تي غور ڪندو ۽ اهو فيصلو ڪنهن به قسم جي داخلي يا پرڏيهي دٻاءُ کانسواءِ ڪيو ويندو. وزيراعظم نيتن ياهو گذريل سال 30 نومبر تي باضابطه طور تي معافي جي درخواست جمع ڪرائي هئي.











