بي اين پي بنگلاديش جي 13 هين عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪامياب، جماعت اسلامي 68 سيٽن سان ٻي نمبر تي

ڍاڪا-13 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ملڪ جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيل 13 هين عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته جماعت اسلامي ٻي نمبر تي رهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بي اين پي ۽ اتحادين ڪل 300 سيٽن مان 209 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ قومي اسيمبلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل …

ڍاڪا-13 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) ملڪ جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيل 13 هين عام چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته جماعت اسلامي ٻي نمبر تي رهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بي اين پي ۽ اتحادين ڪل 300 سيٽن مان 209 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي ۽ قومي اسيمبلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن. اهڙي طرح مخالف پارٽي جماعت اسلامي جي حصي ۾ 68 سيٽون آيون آهن، اهڙي طرح نيشنل سٽيزن پارٽي رڳو 5 سيٽون کٽي سگهي آهي. بنگلاديش ۾ عام چونڊون گذريل ڏينهن منعقد ٿيون جيڪي جين زي پاران هلايل ان احتجاجي لهر کانپوءِ منعقد ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڀارت جي اتحادي شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو خاتمو ٿيو هو، جنهن بعد هو ڀارت هلي وئي ۽ هن وقت به اتي موجود آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ به ڏٺي وڃي ٿي. بي اين پي جي سڀ کان وڏي مخالف پارٽي جماعت اسلامي جي اڳواڻ شفيق الرحمان چيو آهي ته سندس پارٽي پنهنجي شڪست کي تسليم ڪري ٿي ۽ هو مخالفت جي سياست بدران مثبت سياست تحت اڳتي وڌندي.

مزید خبریں