پيانگ يانگ-13 فيبروري (اي پي پي) اتر ڪوريا ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو اهڙا قدم کڻي جن سان سندن خودمختياري جي ڪنهن به ڀڃڪڙي کي روڪي سگهجي، جيئن ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڊرون جي مداخلت جي واقعي ۾ ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي مرڪزي ڪميٽي جي نائب ڊائريڪٽر ڪم يو جونگ گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ …
ڏکڻ ڪوريا اسان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جي ضمانت ڏي: اتر ڪوريا

مزید خبریں
پيانگ يانگ-13 فيبروري (اي پي پي) اتر ڪوريا ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو اهڙا قدم کڻي جن سان سندن خودمختياري جي ڪنهن به ڀڃڪڙي کي روڪي سگهجي، جيئن ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڊرون جي مداخلت جي واقعي ۾ ٿيو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ورڪرز پارٽي آف ڪوريا جي مرڪزي ڪميٽي جي نائب ڊائريڪٽر ڪم يو جونگ گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ پريس بيان ۾ چئي. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي اتحاد بابت وزير جونگ ٽونگ يونگ اڱاري تي سال جي شروعات ۾ پيش آيل ڊرون مداخلت جي واقعي تي باضابطه طور افسوس جو اظهار ڪيو هو. ڪم يو جونگ چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت کي رڳو افسوس جي اظهار سان بحران کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران اهڙا ٺوس ۽ احتياطي قدم کڻڻ گهرجن جيڪي ان ڳالهه جي يقني ضمانت ڏين ته اسان جي رياست جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي جهڙا سنگين قدم ٻيهر ڪڏهن نه کنيا وڃن.











