ڪابل-13 فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي اڪثر علائقن ۾ گذريل ڏينهن صبح 4.5 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب 3 ڄڻا عمارتن تان ٽپو ڏيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق گذريل ڏينهن صبح افغانستان جي اڪثر علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز سمنگان …
افغانستان ۾ 4.5 شدت جو زلزلو، 3 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
ڪابل-13 فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي اڪثر علائقن ۾ گذريل ڏينهن صبح 4.5 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب 3 ڄڻا عمارتن تان ٽپو ڏيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي جيولاجيڪل سروي مطابق گذريل ڏينهن صبح افغانستان جي اڪثر علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز سمنگان صوبي جي ضلعي خلم ۾ هو، زلزلي جا لوڏا بلغ، سمنگان، فارياب، جوزجان، ۽ سرپل جي ڀرپاسي وارن صوبن ۾ به محسوس ڪيا ويا. صحت جي اختيارين جو چوڻ آهن ته 3 ماڻهن خوف سبب عمارتن تان ٽپو ڏئي ڇڏيو جنهن سبب هو زخمي ٿي پيا.











