مسقط-13 فيبروري (اي پي پي) اومان رمضان المبارڪ خميس 19 فيبروري تي شروع ٿيڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اومان ۾ شعبان مهينو اربع 18 فيبروري تي مڪمل ٿيندو ۽ خميس 19 فيبروري تي رمضان جي پهرين تاريخ هوندي. بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته 17 فيبروري 2026ع چنڊ سج کان پهرين يا ان سان گڏ سڄي اومان ۾ لهي ويندو، ان ڪري ان …
اومان پاران رمضان المبارڪ خميس 19 فيبروري تي شروع ٿيڻ جو باضابطه اعلان

مزید خبریں
مسقط-13 فيبروري (اي پي پي) اومان رمضان المبارڪ خميس 19 فيبروري تي شروع ٿيڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اومان ۾ شعبان مهينو اربع 18 فيبروري تي مڪمل ٿيندو ۽ خميس 19 فيبروري تي رمضان جي پهرين تاريخ هوندي. بيان ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته 17 فيبروري 2026ع چنڊ سج کان پهرين يا ان سان گڏ سڄي اومان ۾ لهي ويندو، ان ڪري ان ڏينهن چنڊ ڏسڻ ناممڪن آهي. اومان جي اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي فلڪيات شعبي واري ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ماهرن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته 17 فيبروري تي سڄي اسلامي دنيا ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به اميد ناهي.











