چين پهريون ڀيرو لانگ مارچ -10 راڪيٽ جو پهريون مرحلو سمنڊ مان ڪاميابي سان ڪڍي ورتو

بيجنگ-13 فيبروري (اي پي پي)چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي اعلان ڪيو آهي ته لانگ مارچ -10 ڪيريئر راڪيٽ جي پهرين مرحلي کي ڪاميابي سان سمنڊ مان ڪڍيو ويو آهي، ان سان گڏ ئي چين راڪيٽ جي پهرين اسٽيج بوسٽر جي پهرين باقاعده سامونڊي ڳولا ۽ بازيابي جو مشن مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سامونڊي ڳولا ۽ ريڪوري ٽيم گذريل ڏينهن صبح جو مشن کي حتمي شڪل ڏني. عملدارن موجب …

بيجنگ-13 فيبروري (اي پي پي)چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي اعلان ڪيو آهي ته لانگ مارچ -10 ڪيريئر راڪيٽ جي پهرين مرحلي کي ڪاميابي سان سمنڊ مان ڪڍيو ويو آهي، ان سان گڏ ئي چين راڪيٽ جي پهرين اسٽيج بوسٽر جي پهرين باقاعده سامونڊي ڳولا ۽ بازيابي جو مشن مڪمل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سامونڊي ڳولا ۽ ريڪوري ٽيم گذريل ڏينهن صبح جو مشن کي حتمي شڪل ڏني. عملدارن موجب اها ڪاميابي چين جي ٻيهر استعمال جوڳي لانچ وهيڪل ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ اهم اڳڀرائي آهي. لانگ مارچ  -10 راڪيٽ اربع تي بيجنگ جي وقت موجب صبح 11 وڳي لانچ ڪيو ويو هو، منصوبي موجب ان جو پهريون مرحلو ڌار ٿي مخصوص سامونڊي علائقي ۾ ڪنٽرولڊ انداز ۾ ڪريو جنهن کي بعد ۾ ڪاميابي سان ڪڍيو ويو آهي. اهو راڪيٽ بنيادي طور تي انسان بردار قمري مشنز لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو زمين ويجهو خلائي اسٽيشن آپريشنز ۾ به مددگار ڪردار ادا ڪندو. ان جو پهريون اسٽيج بوسٽر ٻيهر استعمال جوڳو آهي، جيڪو مستقبل ۾ خلائي خرچ گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

مزید خبریں