آمريڪا جو چين تي ايٽمي تجربن جو الزام بي بنياد آهي: چين جو مستقل ميمبر

بيجنگ-12 فيبروري (اي پي پي)گڏيل قومن جي ويانا آفيس ۽ عالمي ادارن ۾ چين جي مستقل ميمبر لي سونگ چيو آهي ته آمريڪا پاران چين تي ايٽمي تجربن جو الزام بلڪل بي بنياد آهي. پرڏيهي ميڊيا  موجب چين جي ميمبر لي سونگ  ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا پاران چين تي ايٽمي ڌماڪي جو تجربو ڪرڻ جو الزام سختي سان رد ڪجي ٿو. لي سونگ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي تازو جنيوا …

بيجنگ-12 فيبروري (اي پي پي)گڏيل قومن جي ويانا آفيس ۽ عالمي ادارن ۾ چين جي مستقل ميمبر لي سونگ چيو آهي ته آمريڪا پاران چين تي ايٽمي تجربن جو الزام بلڪل بي بنياد آهي. پرڏيهي ميڊيا  موجب چين جي ميمبر لي سونگ  ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪا پاران چين تي ايٽمي ڌماڪي جو تجربو ڪرڻ جو الزام سختي سان رد ڪجي ٿو. لي سونگ چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي تازو جنيوا ۾ ٿيل هٿيارن ۾ گهٽتائي بابت ڪانفرنس دوران الزام لڳايو هو ته چين جون 2020ع ۾ ايٽمي ڌماڪي جو تجربو ڪيو هيو. ان حوالي سان ايٽمي تجربن تي مڪمل پابندي جي معاهدي جي تنظيم جي عبوري فني  سيڪرٽريٽ جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ڊاڪٽر رابرٽ فلائيڊ فوري طور تي هڪ بيان جاري ڪيو. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته آمريڪي دعويٰ جي ڄاڻايل تاريخ تي اهڙو ڪو به واقعو ريڪارڊ تي موجود ناهي. ان مان ثابت ٿيو ته آمريڪا پاران چين تي الزام بي بنياد آهي. آمريڪا جو اهو عمل غير ذميوراڻو آهي ۽ هو پاڻ ايٽمي تجربن جي ٻيهر شروعات ڪرڻ لاءِ بهانو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. چين ان جي سخت مخالفت ڪري ٿو. لي سونگ چيو ته آمريڪا تسلسل سان چين جي ايٽمي پاليسي کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن جو اصل سبب ايٽمي بالادستي حاصل ڪرڻ ۽ ايٽمي هٿيارن ۾ گهٽتائي جي ذميواري کان پري ٿيڻ آهي. هن چيو ته آمريڪا عالمي ايٽمي نظم و ضبط ۽ عالمي اسٽريٽجڪ استحڪام کي نقصان پهچائڻ وارو سڀ کان وڏو ناڪاري ڪردار آهي.

مزید خبریں